چارلس اوليونٽ

چارلس اوليونٽ: سنڌ جو چوڏهون ڪمشنر چارلس اوليونٽ 1895ع ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ ڪاٺياواڙ جي عهدي تان تبديل ٿي، ڪراچيءَ ۾ اچي سنڌ جي ڪمشنريءَ جو انتظام سنڀاليو. جيئن ته هن کان اڳ به هي سال 81-1880ع ۾ سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي عهدي تي رهيو ۽ انهيءَ ڪري ئي سرڪاري ڪمن جي سر انجامي سهڻي نموني سان ڪندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ اسسٽنٽ مسٽر سجي سليڊن هو. ڪمشنر صاحب دستور موجب چڱيءَ طرح سان ڪاروبار هلائيندو رهيو ۽ سندس ايامڪاريءَ ۾ ڪيترائي وڏا ڪم ٿيا.


لفظ چارلس اوليونٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو